حڪيم غلام مرتضيٰ شاهه

حڪيم غلام مرتضيٰ شاهه: حڪيم سيد غلام مرتضيٰ شاهه جو نالو طب جي دنيا ۾ پوري سنڌ ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس تعليم۽ تربيت اعليٰ ماحول ۾ لائق استادن جي زير نگراني ٿي. کيس طب ۾ وڏي مهارت هئي. کيس ’شمس الاطباءُ‘ جو لقب ڏنو ويو. جمعيت الاطباءَ ۽ پاڪستان طبي ڪانفرنس جو صدر ٿي رهيو. سندس ڪوششن سان ٽنڊي محمد خان ۾ طبيه ڪاليج جو بنياد پيو. هن طبي مخزن به جاري ڪئي. سنڌ ڪوآپريٽوِ دواخانه لميٽيد جو محرڪ ۽ باني هو. سندس طبي مهارت جو اعتراف هند ۽ سنڌ جي نامور ڊاڪٽرن ۽ طبيبن ڪيو آهي.
سنڌ جي هن نامور حڪيم، 27 جنوري 1961ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو